رضوي وقار احمد، ڊاڪٽر

رضوي وقار احمد، ڊاڪٽر

رضوي وقار احمد ڊاڪٽر

رضوي، وقار احمد، ڊاڪٽر: اردو زبان جو مشهور اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر وقار احمد رضوي، 5 ڊسمبر 1936ع تي امروهه، ضلعي مرادآباد، رياست اُتر پرديش (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم حيدرآباد دکن ۾ ڪاچي گوڙه هاءِ اسڪول مان ورتائين. يو. پي بورڊ مان مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان پاس ڪيائين ۽ دهليءَ ۾ اينگلو عربيڪ ڪاليج سان واڳجي ويو ۽ ترقي ڪري ليڪچرار ٿيو. دهلي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ ايم. اي (اردو) ڪيائين. ان کان پوءِ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (عربي) ڪيائين. 1984ع تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين.
1970ع ۾ پاڪستان هجرت ڪري آيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمود حسين کيس يونيورسٽيءَ ۾ اردوءَ جو پروفيسر ڪري رکيو. ان کانسواءِ هندي ڄاڻڻ جي ڪري هو يونيورسٽيءَ طرفان هنديءَ جي سکيا لاءِ ڊپلوما ڪورس جا ڪلاس پڻ هلائيندو هو.
ڊاڪٽر وقار احمد رضويءَ جا مقالا هند و پاڪ جي معروف رسالن ۽ مخزنن، جهڙوڪ: ’معارف‘ اعظم ڳڙهه، ’نگار‘ لکنؤ، ’اردو ادب‘ علي ڳڙهه، ’صبا‘ حيدرآباد، ’برهان‘ دهلي، ’فڪر و نظر‘ اسلام آباد، ’نقوش‘، ’ماهه نو‘، ’قومي زبان، اردو‘ وغيره ۾ ڇپجندا رهيا آهن.
ڊاڪٽر وقار احمد رضوي، ڏهن (10) ڪتابن جو مصنف آهي، جن ۾: (1) تاريخ جديد اردو غزل، (2) معروضي تنقيد، (3) مسلم سائنسدان، (4) هندي ريڊر، (5) اخلاقيات، (6) تاريخ ادب هندي، (7) محاضرات القرآن، (8) تاريخ نقد، (9) ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي (نثري اردو ترجمو)، (10) اخلاقيات (Ethics: English) اچي وڃن ٿا.
پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد طرفان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي نثري ترجمي وارو پراجيڪٽ ڊاڪٽر اياز قادريءَ ۽ ڊاڪٽر وقار رضويءَ گڏجي ڪيو هو، جيڪو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چئن جلدن ۾ 1993ع ۾ ڇپايو ويو. هن ڪتاب جو مهورت ڪراچيءَ ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ان وقت جي چيئرمئن ڊاڪٽر قاضي نبي بخش کان ڪرايو ويو هو.
ڊاڪٽر وقار احمد رضوي، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1996ع ۾ رٽائر ٿيو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.12.05  عيسوي

اردو زبان جو مشهور اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر وقار احمد رضوي، 5 ڊسمبر 1936ع تي امروهه، ضلعي مرادآباد، رياست اُتر پرديش (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
وينا شرنگي
شاهه محمد گاڏهي
رزاق سروهي
امير علي چانڊيو
اي جي اتم
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
شاهه بليغ الدين
حجاب امتياز علي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون